ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙي

ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙي

ڀرڳڙي ڊاڪٽر محمد بخش

ڀرڳڙي، ڊاڪٽر محمد بخش : ناميارو ڊاڪٽر ۽ مترجم محمد بخش ڀرڳڙي، 4 اپريل 1952ع تي ڳوٺ صرفاڻي تعلقي دادو ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ۾۽ انٽر تائين تعليم دادوءَ ۾ حاصل ڪئي. 1980ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪيائين. پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نوابشاهه ۾ هائوس جاب ڪرڻ بعد 1982ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1982ع کان 1987ع تائين هن دادو ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ فرض نڀايا. سيپٽمبر 1987ع ۾ کيس فيلڊ سپروائيزري ميڊيڪل آفيس، حيدرآباد ڊويزن ۾ مقرر ڪيو ويو. هن پوسٽ تي رهندي هن ٻارڙن لاءِ حفاظتي ٽڪن واري مهم ۾ محنت ڪئي. سٺي ڪارڪردگي عيوض کيس اعليٰ ڪارڪردگي جو اوارڊ سيد عبدالله شاهه (مرحوم) سابق اسپيڪر سنڌ اسيمبلي طرفان ڏنو ويو. فيبروري 1990ع کان 1994ع تائين ڊاڪٽر محمد بخش پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ مئنيجمينٽ اينالسٽ طور مقرر رهيو، جنهن ۾ هن مختلف بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت ڊاڪٽرن کي تربيت ڏني. 1994ع تائين يو. ايس. ايڊ پاڪستان چائلڊ سروائيول رٿا تي ڪم شروع ڪيو ته کيس سرڪار طرفان يو. ايس. ايڊ جو ڪائونٽر پارٽ نامزد ڪيو ويو. ان دوران هن سڄيءَ سنڌ ۾ هيلٿ مئنيجمينٽ انفرميشن سسٽم متعارف ڪرايو ۽ چار سال لڳاتار محنت سان صحت بابت انگ اکر گڏ ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي معلومات لاءِ سوين ورڪشاپ ڪرايا. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ آفيس ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر مئنيجمينٽ انفرميشن سسٽم جو سيل قائم ڪيو. گڏوگڏ هن سڄي سنڌ ۾ پاڪستان چائلڊ سروائيول طرفان سڀني ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انٽيگريٽيڊ چائلڊ سروائيول ٽريننگ جا شعبا کوليا، سندس نگرانيءَ ۾ دستن جي روڪٿام لاءِ سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ يعني ان بيماريءَ ۾ ورتل ٻارن کي نـمـڪول
(O.R.S) ذريعي علاج جي آگاهي ڏني ۽ يونٽ کوليا. ڊاڪٽر ڀرڳڙيءَ جي ڪاوشن سان سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ هيلٿ جي رڪارڊنگ ۽ رپورٽنگ جو جديد ترين ڪمپيوٽرائيزڊ نظام رائج ڪيو ويو. نومبر 1994ع ڌاري کيس هيلٿ سسٽم ريسرچ جو پروگرام ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1995ع ۾ کيس وزير اعظم جي پروگرام تحت ڊپٽي پراونشل ڪوآرڊينيٽر سنڌ مقرر ڪيو ويو. ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ سپروائيزر لاءِ ڪورس انگريزيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. يو. ايس. ايڊ جي ماهرن سان گڏجي هيلٿ ورڪرن لاءِ رپورٽون ۽ ٻيو مواد ترتيب ڏنائين.
مارچ 1997ع ۾ ڊاڪٽر محمد بخش کي حيدرآباد ڊويزن جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪول هيلٿ سروسز مقرر ڪيو ويو، انهيءَ دوران ايل. بي. او. ڊي ميرپورخاص ۾ هارين جي تنظيم ٺاهيائين ۽ سم ۽ ڪلر جي باري ۾ زميندارن ۽ هارين کي ڄاڻ ڏنائين. سيپٽمبر 1997ع ۾ کيس وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، 1999ع ۾ پوليو مهم ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ بعد کيس 2000ع ۾ عالمي اداره صحت ۾ صوبائي سرويلنس آفيسز پوليو جي خاتمي لاءِ مقرر ڪيو ويو. پوليو جي خاتمي لاءِ هن سنڌ جي سڀني ضلعن، تعلقن، يونين ڪائونسلن جو دورو ڪيو. 2005ع ۾ هيءُ لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ رجسٽرار مقرر ٿيو، ڪجهه عرصي بعد کيس ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران اپريل 2006ع کان فيبروري 2009ع تائين صوبائي سرويلنس آفيسر طور پوليو جي خاتمي لاءِ ذميواريون سونپيون ويون. ڊاڪٽر محمد بخش پاڪستان جي سڀني صوبن سميت پاڪستان سرڪار طرفان دبئي، مصر ۽ سوڊان جي مصر سان لڳندڙ سرحد ۾ پوليو جي ڪيس اسٽڊيز لاءِ دوري تي پڻ ويو. هن صحت بابت ڪافي ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا آهن، تازو ريٽائر ڪيو اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو